جون تائين ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري وينداسين: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي بابت وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي اميد ته جون تائين ايف اي ٽي ايف گري لسٽ مان نڪري وينداسين، تقريبن شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن ۽ هاڻ گهڻي ڀاڱي معاملو سياسي رهجي ويو آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان آن لائن ميٽنگ ۾ ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته هن وقت ملڪ جو گروٿ ريٽ 5 سيڪڙو 7 ايندڙ سال 6 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿو، گروٿ ريٽ کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي، ايف بي آر جا ٽيڪس وڌڻ تائين حڪومت قرضي رهندي، ناڻي جي پهچ وڌڻ جو هڪ وڏو سبب وزيراعظم تي اعتماد آهي، سڄي ملڪ مان پئسا گڏ ٿيندا آهن ۽ 85 سيڪڙو نون شهرن تي خرچ ٿي ويندا آهن، ائين نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف هن ڀيري پاڪستان سان سخت رويو اختيار ڪيو، پگهاردارن تي ٽيڪس وڌائڻ جي آءِ ايم ايف جي تجويز قبول نه ڪئي، آءِ ايم ايف سان ان تجويز تي ڳالهيون جاري آهن، اميد ته جون تائين ايف اي ٽي ايف گري لسٽ مان نڪري وينداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان کي ڪجهه لڪائڻ جي ضرورت ناهي، ڪنهن کي شڪ آهي ته اچي نمبر ڏسي، عمران خان نيوٽرل امپائر آندا، روينيو کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، غريبن کي اٽي ۽ بجلي تي سبسڊي ڏينداسين، حڪومت جو ڌيان هاڻ مهانگائي گهٽائڻ تي هوندو، عام ماڻهن لاءِ مختلف اسڪيمون آڻي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔