ڪراچي ۾ چين جي سهڪار سان ملڪ جو سڀ کان وڏو نيوڪليئر پاور پلانٽ تيار

ڪراچي: ڪراچي ۾ چين جي سهڪار سان ملڪ جو سڀ کان وڏو نيوڪليئر پاور پلانٽ تيار، اسلام آباد ۾ تقريب دوران وزيراعظم عمران خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ 2 جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پلانٽ جي يونٽ 2 مان روزانو 11 سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، ڪراچي واسين لاءِ 500 ميگاواٽ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي مهيا ڪئي ويندي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي دلين ۾ اها ڳالهه ويهي وئي آهي ته چين هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري ٿو، پلانٽ سان نوجوانن کي فني تربيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، گلوبل وارمنگ ۾ اهڙو منصوبو ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔