پنجاب حڪومت اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پنجاب حڪومت ڪورونا اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر پنجاب نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب مارڪيٽن جا ڪاروباري وقت رات 8 وڳي تائين هوندا.

ڇنڇر ۽ آچر تي سمورين ڪاروباري سرگرمين تي مڪمل پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب 24 مئي کان ريسٽورينٽس، آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي. پر ڊائن ان تي پابندي برقرار ۽ ٽيڪ اوي جي اجازت هوندي. پهرين جون کان 150 ماڻهن جي گنجائش سان گڏ آئوٽ ڊور شادي تقريب جي اجازت هوندي پر  سموري پنجاب ۾ ان ڊور شادي جي تقريبون ۽ مارڪيز تي پابندي لاڳو رهندي.

نوٽيفڪيشن موجب سموري پنجاب ۾ سمورا پارڪس مڪمل بند رهندا. جاگنگ ٽريڪس کليل رهندا جڏهن ته سمورا مزار مڪمل بند رهندا. صوبي ۾ آفيسن کي 50 سيڪڙو اسٽاف سان گڏ ڪم جي اجازت هوندي. ٽرانسپورٽ کي 50 سيڪڙو گنجائش سان هلڻ جي اجازت هوندي. بين الصوبائي ٽرانسپورٽ ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل بند رهندي ۽ ٽرين سروس 7ڏ سيڪڙو مسافرن سان گڏ جاري رهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔