ڀارت جي هوائي فوج جو مگ 21 جهاز ڪري تباهه ،پائلٽ مارجي ويو

ڪراچي: ڀارت جي هوا.ئي فوج جو  مگ 21 جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب جهاز جو پائلٽ اسڪوارڊن ليڊر مارجي ويو، حادثو ڀارتي پنجاب جي علائقي موگا جي ويجهو پيش آيو.

ڀارت جي هوائي فوج موجب حادثو جمعي جي صبح هڪ وڳي پيش آيو ،جڏهن جهاز معمول جي تربيتي اڏام تي هو

سماجي رابطون واري ويب سائيٽ ٽوئٽر وسيلي ڀارت جي هوائي فوج اطلاع ڏنو ته حادثي جي جاج جو حڪم ڏنو ويو آهي ..

سال 2021 ۾ هي ٽيون حادثو آهي جنهن ۾ ڀارت جي هوائي فوج جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو،ان کان اڳ مارچ 2021 ۾ به هڪ مگ 21 جهاز ڪري تباهه ٿيو هو

جنوري 2021 ۾ به ڀارتي راجسٿان جي علائقي ۾ به هڪ مگ 21 جهاز ڪري تباهه ٿيو هو جنهن ۾ پائلٽ مارجي ويو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔