ملڪ ۾ ڪورونا وگهي اڄ وڌيڪ 102 ڄڻا فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي اڄ وڌيڪ 102ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، گذريل 24ڪلاڪن دوران 51هزار 528ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، 3هزار 70ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 63هزار 229 ٿي ويو، جڏهن ته 4هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، گذريل 24ڪلاڪن دوران 102 ڄڻا ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، هن وقت تائين 20هزار 89 ڄڻا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔