جينز پائيندڙن لاءِ عجيب وغريب ڊيزائن متعارف ڪرائي وئي

سيول: تازو ئي ڏکڻ ڪوريا جي هڪ برينڊ منفرد ڊيزائن جي جينز متعارف ڪرائي آهي جنهن کي ڏسي ڪنهن جي چهري تي مسڪراهٽ آئي ته ڪو حيراني ۾ مبتلا ٿي ويو.جينز جو فيشن ڪنهن به دور ۾ پراڻو ناهي ٿيو. هميشه کان ئي مختلف قسمن جون جينز ڇوڪرن سميت ڇوڪرين ۾ به ڪافي مشهور رهيون آهن. پوءِ چاهي اهو گوڏن تان ٿورو ڦاٽل حصو ئي ڇو نه هجي. پر هن برينڊ هلندڙ سال ٻه منفرد ڊيزائن ڪڍيا آهن ۽ ان جينز کي سليشن جينز جو نالو ڏنو ويو آهي. سليش جينز ۾ مختلف ڊيزائنون متعارف ڪرايون ويون آهن. جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پانچن جي وچ ۾ هڪ کان وڌيڪ خال موجود آهن جڏهن ته ٻئي ڊيزائن ۾ هڪ ڪٽ ڏسي سگهجي ٿو.برينڊ هن جينز جون تصويرون پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽس تي شيئر ڪيون جنهن تي صارفين مليل جليل رد عمل جو اظهار ڪيو. ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هو ته اهڙي طرح جي انوکي جينز فيشن ۾ نواڻ جي اعليٰ مثال آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ان کي بي تڪو به چيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔