پي سي بي کي پي ايس ايل سڪس جون رهيل ميچز ابوظهبي ۾ ڪرائڻ جي اجازت ملي وئي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچز ابوظهبي ۾ ڪرائڻ جي مڪمل اجازت ملي وئي آهي.ابوظهبي ۾ پي ايس ايل 6 جي بقايا ميچز جي شروعات جي سلسلي ۾ ايندڙ سموريون رنڊڪون ختم ٿي ويون آهن. پي سي بي ۽ سمورن فرنچائز مالڪن جي وچ ۾ آن لائن اجلاس کان پوءِ ايونٽ جي شروعات بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.ان حوالي سان چيف ايگزيڪيوٽو پي سي بي وسيم خان موجب اسان هاڻ ايونٽ جي شروعات لاءِ مڪمل طور تيار آهيون. اسان متحده عرب امارات جي حڪومت، ان جي نيشنل ايمرجنسي ڪرائسز اينڊ ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي، ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ابوظهبي اسپورٽس ڪائونسل جا ٿورائتا آهيون ۽ ان سان گڏوگڏ جون ۾ ايونٽ جي شروعات کي يقيني بنائڻ لاءِ عيدالفطر جي موڪلن باوجود سخت محنت ڪرڻ تي پي سي بي اسٽاف جو ٿورائتو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔