مشهور گلوڪاره مومنه مستحسن به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

لاهور: مشهور گلوڪاره مومنه مستحسن به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن گلوڪاره انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن جي ذريعي هن مداحن کي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو.مومنه ٻڌايو ته هن تصوير ۾ چهري تي نه ڪو ميڪ اپ ڪيل آهي ۽ نه ئي ڪو فلٽر لڳايو ويو آهي. بس صرف ڪورونا آهي. تصوير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مومنه مستحسن هن وقت پنهنجي گهر ۾ ئي قرنطينه اختيار ڪيو آهي.هن مداحن کي هن عالمي وبا کان محفوظ رهڻ جو مشورو ڏنو. ياد رهي ته پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر تباهي مچائي ڇڏي آهي. جنهن سبب هن وقت تائين گڏيل طور تي 19987 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔