آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان غزه تي حملا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان غزه تي حملن ۾ فوري طور تي گهٽتائي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.وائٽ هائوس موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان غزه تي حملن ۾ فوري طور تي گهٽتائي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.اسرائيلي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته نيتن ياهو جوبائيڊن کي ٻڌايو ته حدفن کي حاصل ڪرڻ تائين غزه ۾ جنگي ڪارروائي جاري رهندي. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي وڊيو بيان ۾ به حماس جي خلاف حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان کان علاوه اسرائيلي فوج غزه ۾ حماس جي 100 ڪلو ميٽر ڊگهي سرنگن کي تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 242 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ زخمي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔