اسرائيل جي بمباري: اسلامي يونيورسٽي جي عمارت تباهه، شهادتون ٻه سئو ٻارنهن ٿي ويون

غزه: اسرائيل جي راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته لاڳيتو 8 ڏينهن کان جاري بمباري سبب شهيدن جو انگ 212 ٿي ويو آهي.هوڏانهن حماس جي اسرائيل مٿان راڪيٽ حملي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب غزه تي اسرائيل جي بمباري لاڳيتو اٺين ڏينهن به جاري رهي. راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. خوشقسمتي سان حملي وقت شاگرد ۽ عملو يونيورسٽي ۾ موجود نه هو. غزه ۾ اٺن ڏينهن کان جاري اسرائيل جي بمباري ۾ شهيدن جو انگ 212 ٿي ويو. شهيد ٿيندڙن ۾ 61 ٻار، 35 عورتون ۽ 16 بزرگ شامل آهن جڏهن ته 1400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.اسرائيلي حملن ۾ ميڊيا هائوسز سميت 3 عمارتون به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون. ٻئي طرف غزه مٿان حماس به اسرائيلي علائقي تي راڪيٽ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا. جڏهن ته لبنان طرفان به اسرائيلي زمين تي راڪيٽ فائر ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔