فلسطين ۾ اسرائيلي بربريت جاري، شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو

ڪراچي : اسرائيلي فوج جِي غَزا جِي پٽي تي رهائشي علائقن تي گولاباري جي نتيجي ۾ شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو، مارجي ويلن ۾ حماس جو ڪمانڊر به شامل آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڏينهن غزه مان اسرائيلي علائقي ۾ راڪٽ فائر ڪيا ويا جنهن بعد سائرن وڄڻ تي اسرائيلي پارليامينٽ جي عمارت خالي ڪرائي وئي، اسرائيلي عملدارن جي دعويٰ آهي ته راڪيٽ حملن ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته حماس ريڊ لائن پار ڪئي آهي، هي تازو تڪرار ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو، اسرائيل ڀرپور طاقت سان جواب ڏيندو ۽ حملي آورن کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ٻئي پاسي غزه جي صورتحال تي او آءِ سي جو مستقل نمائيند جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ فلطسينين کي زبردستي بي دخل ڪرڻ جي مامري تي غور ڪيو ويندو، واضح رهي ته گذريل ڏهاڙي اسرائيلي فوج مسجدِ اَقصيٰ جَي احاطي ۾ هٿين خالي فلسطينين تي فائرنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جِي شيلنگ ۽ واٽر ڪينن استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن سوڌو ڪيترائي زخمي ٿي پيا، هن وقت تائين شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو آهي، جمعي کان جاري اسرائيلي ظلم جَي نتيجي ۾ هيل تائين 700 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج هٿان گرفتار فلسيطيني ناري مريم جِي وڊيو مشهور ٿي وئي، وڊيو ۾ گرفتاري دوران ناري کِلندِي رهَي ٿي ۽ چوي ٿي ته، نٿا چاهيون ته فلسطيني ٻار خوف ۾ زندگي گذارين..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔