دشمن بلوچستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دشمن بلوچستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پرڏيهي وزير ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ دهشتگردي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن جي درجات بلند ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته وطن جي حفاظت ۾ قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔