ايف آءِ اي سکر جا مختلف شھرن ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپا

سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي شين ۾ گهوٻيون۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ وارو معامرو، ايف آءِ اي طرفان سکر کانپوءِ شڪارپور ويئرهائوس ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپو هنيو ويو، ذريعن موجب ايف آءِ اي سکر جي عملدارن نثار ساوند ۽ عابد مري جي اڳواڻيء ۾ ڇاپو هنيو ويو، جڏهن ته شڪارپور کانپوءِ ڪنڌڪوٽ به ايف آءِ اي جي ٽيم پهچي وئي، شڪارپور ويئر هائوس ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تان رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، جڏھن تھ لاڙڪاڻي ۾ بھ ايف آءِ اي پاران ڪارروايون ڪيون ويون، وفاق پاران يوٽيلٽي ڪارپوريشن ذريعي کاڌ خوراڪ جي شين تي سنسڊي ڏني جنهن ۾ اٽو، کنڊ، گيهه سميت ٻين کاڌ خوراڪ وارن شين تي وڏي پئماني تي سبسڊي ڏنل آهي، کاڌ خوراڪ جي شين تي غريب ۽ پورهيت طبقي کي رليف ڏيڻ لاء سبسڊي ڏني وئي، پر يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي عملدارن سبسڊي کي ڪرپشن جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، سبسڊي وارا ايٽم بليڪ تي تاجرن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏيڻ واريون وڊيو ۽ شڪايتون پڻ سامهون آيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔