آرمي چيف جنرل قمر باجوا جي سعودي ولي عهد سان ملاقات

رياض : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ٻين چئنلز تي غور ڪيو ويو، سعودي بچاءَ واري وزارت موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ بچاءَ واري نائب وزير شهزاد خالد بن سلمان جي وچ ۾ به ملاقات ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل دلچسپي ۽ بچاءَ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، سعودي بچاءَ واري وزارت ٻڌايو ته ملاقات ۾ قومي سلامتي جو سعودي صلاحڪار ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيبان به موجود هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔