آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: سراج دراني ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي : ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران عدالت سمورن جوابدارن تي ترميمي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن تان جوابدارن پنهنجو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جوابدارن طرفان ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪرڻ تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن شاهدن کي طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔