اين اي 249 تي پيپلزپارٽي کانسواءِ سمورين پارٽين ووٽن جي ٻيھر ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي : ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ووٽن جِي ٻيهر ڳڻپ به تڪراري بڻجي وئي، پ پ کانسواءِ سمورين ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽيز ۾ شامل، بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽيز اعتراض ڪيو آهي ته پولنگ بيگز سيل ٿيل نه هئا، آر او فارم 46 ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ استعمال نه ٿيل ووٽن جي ڳڻپ نه ڪرڻ ڏني وئي، اليڪشن ڪميشن نواز ليگ جي درخواست تي اين اي 249 تي اڄ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو، نواز ليگ اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ دوران مقرر ٿيل آر او کي جانبدار قرار ڏئي ڇڏيو، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نواز ليگ اُميدوار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آر او ڪائونٽ فائر نه پيو ڏيکاري، اهڙي ڳڻپ بيڪار آهي، آر او فارم 46 ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته فارم 45 جي بُنياد تي ٻيهر ڳڻپ ڪيو، آر او جو اهڙو عمل غيرقانوني آهي، اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيسر ۾ هلندڙ مذاق بند ڪري شفاف نموني ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي، پي ٽي آءِ اُميدوار امجد آفريدي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سنڌ مان انصاف جي اُميد ناهي، تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ذريعي اين اي 249 جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔