پي پي 84 خوشاب ننڍي چونڊ: نواز ليگ پنھنجي سيٽ ٻيھر حاصل ڪري ورتي

خوشاب: خوشاب ۾ پنجاب اسيمبلي جَي تڪ پي پي 84 ۾ ننڍي چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ اميدوار ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. نون ليگ جو محمد معظم شير ڪلو 73 هزار 81 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي ورتي . حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار علي حسين خان بلوچ 62 هزار 903 ووٽ حاصل ڪري سگهيو . ن ليگ جي اميدوار 10 هزار 178 ووٽن جي ليڊ سان فتح حاصل ڪئي. ٻئي طرف مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پاران پ پ 84 تان ڪامياب ن ليگ اميدوار کي واڌايون ڏنيون ويون آهن ميان شهباز شريف جو چوڻ آهي ته خوشاب جي عوام اٽي ۽ کنڊ جي چورن کي رد ڪري ڇڏيو. ميان شهباز شريف جو چوڻ هو ته محمد معظم شير ڪلو جي ڪاميابي ن ليگ جي ڪيل خدمت جو اعتراف آهي. هن چيو ته نوشهره، ڊسڪه ۽ هاڻ خوشاب جي عوام به ن ليگ تي اعتماد ڪيو آهي، ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته هر شهر جي عوام نواز شريف جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مريم نواز جو چوڻ هو ته رڳو نواز شريف رهجي ويو، باقي سڀ مائينس ٿي ويا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔