ڀارت ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت واري عالمي اداري ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ سخت قدم کڻي.ڀارت ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي ڊاڪٽر روڊرڪو آفرن چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته فيبروري ۾ پابنديون ختم ڪرڻ کان پوءِ ڪورونا کي پکڙجڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي.احتياطي تدبيرن کي ڇڏيو ويو. هاڻ اهو اسان سڀني جي لاءِ پيغام آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڀارت ۾ وبا جو پيمانو يورپ ۽ آمريڪا کان مختلف ۽ وڏو آهي.ڀارت ۾ ڪورونا جي پکيڙ جو سبب وڏي آبادي به ٿي سگهي ان ڪري ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳيتو تياريون وبا جي خاتمي تائين هجڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔