پي پي 84 ننڍي چونڊ، ن ليگ اميدوار کي سرسي

خوشاب: خوشاب ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 84 ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ن ليگ اميدوار کي سرسي حاصل آهي. تڪ ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي تائين جاري رهيو. پي پي 84 خوشاب ۾ 229 مان 58 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ اميدوار محمد معظم شير ڪلو 18 هزار 958 ووٽن سان اڳتي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو علي حسين خان بلوچ 14 هزار 971 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. پي پي 84 خوشاب ۾ تحريڪ انصاف جي علي حسين خان، ن ليگ جي ملڪ معظم ڪلو ۽ پ پ جي غلام حبيب احمد سميت ٻيا به چونڊ وڙهي رهيا آهن. واضح رهي ته پي پي 84 ۾ اها سيٽ ن ليگ جي ملڪ وارث ڪلو جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔