شيرين مزاري جو اسرائيل کي قبولڻ لاءِ دٻاءُ پوڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري اسرائيل کي قبول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ پوڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شيرين مزاري جو چوڻ هو ته گهڻو ئي دٻاءُ آيو ته اسرائيل کي قبول ڪيو وڃي پر پاڪستان چيو ته اسرائيل کي قبول ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ فلسطين کي انصاف ملڻ تائين اسرائيل بابت سوچي به نٿو سگهجي. هن چيو ته افسوس آهي ته او آءِ سي ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي لاءِ آواز ناهي کنيو ويندو جڏهن ته پاڪستان ماضي ۾ هر مسلمان ملڪ جي انصاف لاءِ آواز اٿاريو، ماضي ۾ مسلم امت جي مسلمان ملڪن جي انصاف لاءِ بيهڻ روايت رهي آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته رمضان شروع ٿيو ته اسرائيل مسلمانن کي نماز پڙهڻ ۽ اذان ڏيڻ کان روڪيو، مسلم ملڪن کي گهٽ ۾ گهٽ فلسطين ۽ ڪشمير جي لاءِ آواز ته کڻڻ گهرجي جڏهن ته ڪشمير ڪميٽي جيان پاڪستان ۾ فلسطين ڪميٽي به ٺاهڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔