سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نئون مڪينزم جوڙڻ تائين ڪاروهنوار روڪڻ وارو فيصلو برقرار

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نئون مڪينزم جوڙڻ تائين ڪاروهنوار روڪڻ وارو فيصلو برقرار رکندي 19 مئي تي ڌرين کي عدالت ۾ رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي استدعا ڪئي ته ڪاروهنوار بند هئڻ سبب هڪ لک کان وڌيڪ اميدوار سفر ڪري رهيا آهن ان لاءِ فيصلي تي نظر ثاني ڪئي وڃي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي غير شفافيت سبب سموري سنڌ پئي سفر ڪري اوهان ته هڪ لک 60 هزار اميدوارن جي ڳاله پيا ڪريو، سنڌ جي مستقبل جو سوال آهي جيڪڏهن اوهان عدالتي فيصلي بعد اداري ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ نئون مڪينزم جوڙيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو باقي جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اعتراض آهي ته ڀلي سپريم ڪورٽ وڃو، جسٽس ذوالفقار احمد خان ريمارڪس ڏنا جيستائين اداري ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ نئون مڪينزم نه جڙندو اوستائين سمورو ڪاروهنوار رڪيل رهندو، اي اي جي عدالت کي بار بار استدعا ڪندو رهيو ته 11 مئي کان عيد جون موڪلون ٿي وينديون سڀاڻي ڪيس ٻڌڻي لاءِ رکيو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪندي اي اي جي کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي شفافيت لاءِ نئين جڙيل مڪينزم بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔