اين اي 249: اليڪشن ڪميشن پاران مفتاح اسماعيل جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ۾ ن ليگ جي اين اي 249 تي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آھي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراھي ۾ چار رڪني بينچ مفتاح اسماعيل جي ٻيھر ڳڻپ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي طرفان لطيف کوسا ۽ نواز ليگ سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا. تحريڪ انصاف جي وڪيل جو چوڻ ھو تھ پولنگ ايجنٽس کي 70 کان وڌيڪ فارم 45 نه ڏنا ويا، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ ھو تھ ممڪن آهي ته اوهان جي ايجنٽس فارم 45 تي صحيحون ئي نه ڪيون هجن؟، آزاد اميدوار جي وڪيل جو چوڻ ھو تھ ووٽن ۾ فرق 5 سيڪڙو کان گهٽ هجڻ تي ٻيهر ڳڻپ لازمي ناهي، جڏھن تھ اليڪشن ڪميشن پاران ھاڻ فيصلو محفوظ ڪيو ويو آھي جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔