سمورن مسلمان رياستن کي گڏجي اسلامو فوبيا خلاف ڪم ڪرڻو پوندو:وزيراعظم

اسلام آباد : سمورن مسلمان رياستن کي گڏجي اسلامو فوبيا خلاف ڪم ڪرڻو پوندو، او آءِ سي کانسواءِ ٻيو ڪوبه فرم هن معاملي تي اثرائتو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي، او آءِ سي ملڪن جي سفير ن کي خطاب دوران وزيراعظم چيو آهي ته دنيا اندر اسلامو فوبيا ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسان اولهه ۽ مسلمان ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل خلا ختم ڪرڻ گهرون ٿا، اولهه جي ملڪن کي ٻڌائڻ گهرو نٿا ته رسول پاڪ ﷺ اسان جي دلين ۾ رهي ٿو، اُن خلاف ڪابه ڳالهه برداشت نه ڪنداسين، اولهه جي دُنيا کي بيحرمتي جو جواب ڏيڻو پوندو، اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هٿي ملي رهي آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪوبه مذهب ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔