ايل پي جي 27 رپيا في ڪلو سستي ڪرڻ جو اعلان

او جي ڊي سي ايل اوگرا جي مقرر ڪيل پيداواري قيمت کان 27 رپيا وڌيڪ في ڪلو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حڪومت طرفان عوام جي لاءِ رمضان المبارڪ ۽ عيد جو تحفو آڏو اچي ويو آهي، ايل پي جي انڊسٽريز ايسوسيئيشن جي چيئرمين موجب رڳو 2 ڏينهن ۾ پاڪستاني ايل پي جي پروڊيوسر او جي ڊي سي ايل اوگرا جي مقرر ڪيل پيداواري قيمت کان وڌيڪ 27 رپيا في ڪلو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايل پي جي ايسوسيئيشن جي چيئرمين ٻڌايو ته سرڪاري پيداواري اداري او جي ڊي سي ايل اوگرا جي مقرر ڪيل پيداواري قيمت 74،222.47 رپيا گهٽ ڪري 47،000 مقرر ڪري ڇڏي، اوگرا گهرو سيلنڊر جي قيمت 1،572 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر جي قيمت 6،050 رپيا مقرر ڪئي هئي، ايل پي جي اوگرا جي مقرر ڪيل قيمت سان گهريلو سلينڊر 300 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 1250 رپيا سستو ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔