ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل

نئين دهلي: ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار کي چيڪ اپ جي لاءِ ممبئي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب دليپ ڪمار جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس چيڪ اپ جي لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ان جي گهر واري اداڪاره سائره بانو جو چوڻ آهي ته دليپ کي جلد ئي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سائره بانو جو چوڻ هو ته اسان دليپ ڪمار جي صحت جي مسئلن بابت معمول جي چيڪ اپ جي لاءِ اسپتال آيا آهيون. رب پاڪ چاهيو ته اسان جلد ئي گهر هليا وينداسين.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه سالن کان اداڪار دليپ ڪمار جي طبيعت خراب آهي جنهن سبب ان جو اسپتال ۾ باقاعدگي سان چيڪ اپ ڪرايو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔