حرا ماني پنهنجي گهر ٻاهران ڦرجي وئي

ڪراچي: پاڪستاني ڊرامن جي مشهور اداڪارا حرا ماني پنهنجي گهر ٻاهران ڦرجي وئي.
انسٽاگرام اسٽوري تي اداڪارا ڦر جي ويڊيو مداحن سان شيئر ڪئي آهي، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حرا ماني جي گاڏي سندس گهر ٻاهران اچي بيهي ٿي، جنهن کانپوءِ اداڪارا جو وڏو پٽ گاڏي مان نڪري گهر جي گهنٽي وڄائي ٿو.
ان دوران حرا جو ٻيو پٽ گاڏي مان نڪري ٿو ته اتي ئي موٽر سائيڪل تي سوار ٻه ڦورو گاڏي وٽ بيهي هٿيارن جي زور تي موبائل فون ڦري فرار ٿي وڃن ٿا.
واردات کانپوءِ حرا ماني کي به گاڏي مان لهندي ڏسي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔