ملڪ ۾ ڪورونا قاتل 113 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 4 هزار 424 نوان ڪيس ظاھر

اسلام آباد : ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وڌيڪ 113 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ 18 هزار کان وڌي ويو، جڏهن ته ۾ 4 هزار 424 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 5 هزار 193 ماڻهو ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو تعداد 7 لک 22 هزار 202 ٿي ويو، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 284738 ٿي ويو جڏهن ته 4658 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ڪورونا مريضن جو انگ 304889 آهي ۽ 8550 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 22528 ۽ فوتين جو انگ 237 ٿي ويو، ڪي پي ڪورونا مريضن جو انگ 119277 ۽ 3350 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، سرڪاري پورٽل موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 75892 آهي ۽ هيل تائين 691 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔