اليڪشن ڪميشن جي بدانتظامي جي سزا ڪامياب اُميدوار کي نٿي ڏئي سگهجي:سعيد غني

ڪراچي: اين اي 249 تي ڌانڌلي نه ٿي، اليڪشن ڪميشن جي بدانتظامي جي سزا ڪامياب اُميدوار کي نٿي ڏئي سگهجي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اين اي 249 تي ڊسڪه جهڙو ڪجهه ناهي ٿيو، ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي ناهي ٿي، جيڪي پارٽيز روئي رهيون آهن، اُنهن مان ڪنهن به ثبوت نه ڏنا آهن، ننڍي چونڊ ۾ بدانتظامي اليڪشن ڪميشن طرفان ٿي، اسان به اليڪشن ڪميشن ۾ وينداسين ۽ دستاويز پيش ڪنداسين، پوءِ جيڪو به فيصلو ٿئي، ميڊيا سان ڳالهين دوران سعيد غني چيو آهي ته پارٽي کي تجويز ڏيندس ته مفتاح اسماعيل کي ٻيهر پولنگ جي آڇ ڪري، نواز ليگ کي سوين نه پر هزارين ووٽن جي مارجن تي شڪست ڏئي سگهنداسين، مفتاح اسماعيل روئڻ پٽڻ بدران پنهنجي شڪست تسليم ڪري، نواز ليگ بنا جواز شڪ پيدا ڪري چونڊ عمل کي تڪراري بڻائڻ گهري ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔