پ پ اليڪشن چوري ڪئي، عدالت وينداسين؛ پي ٽي آءِ جو هارايل اميدوار

ڪراچي: اين اي 249 تي هارايل پي ٽي آءِ جي اميدوار امجد آفريدي چونڊ نتيجن خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪالهوڪي چونڊ مينيج ڪئي وئي، هو عوام کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته اليڪشن وڙهڻ جي ضرورت ناهي، اليڪشن مينيج ڪيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اميدوار چيو ته پ پ اليڪشن چوري ڪئي آهي، پي ٽي آءِ کي پنجين نمبر تي آڻي ڪنهن کي خوش ڪيو ويو آهي، اسان ان ڌانڌلي خلاف عدالت ۾ وينداسين هن چيو ته سڀني عوامي سروي ۾ پي ٽي آءِ مٿي هئي ته پوءِ پيپلز پارٽي ڪيئن کٽي وئي؟ هن الزام هنيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ پ پ اليڪشن فڪس ڪئي آهي، جيستائين اهو نظام موجود هوندو ماڻهن کي هق ملي نه سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔