اميتاڀ خودڪشي جو ڇو سوچيو هو؟

ممبئي بالي ووڊ جي بگ بي جي زندگي ۾ هڪ اهڙو به موقعو آيو جو هن خودڪشي جو سوچيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اميتاڀ بچن بالي ووڊ جو ميگا اسٽار آهي ۽ گذريل 5 ڏهائين کان ڀارتي فلم انڊسٽري تي راڄ ڪري رهيو آهي پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته 2 آگسٽ 1982 ۾ کيس ٻيهر زندگي ملي.
دراصل اميتاڀ بچن جي فلم؟قلي“ جي شوٽنگ دوران ايڪشن ڪندي ساڻس وڏو حادثو پيش آيو هو جنهن کان پوءِ تڪڙو کيس ممبئي جي اسپتال نيو ويو جتي هن جون ڪيتريون ئي سرجريون ڪيون ويون، ان حادثي پوري قوم کي پريشان ڪري ڇڏيو هو ۽ مداح سندس صحتيابي لاءِ دعاگو هئا.
بگ بي تقريبن ٻن مهينن جي علاج کانپوءِ گهر واپس ٿيو هو پر ڪهاڻي اتي ختم نه ٿي هئي توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ان حادثي کانپوءِ اميتاڀ ذهني طور دٻاءَ جو شڪار هو ۽ کيس پريشان ڪندڙ خيال ايندا هئا ايتري تائين جو هن خودڪشي جو به سوچيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔