سوشل ميڊيا تي خوبصورت نظر اچڻ لاءِ آمنه الياس جا مداحن کي مشورا

ڪراچي: ماڊل ۽ اداڪار آمنه الياس مداحن کي سوشل ميڊيا تي خوبصورت اچڻ لاءِ مشورا ڏنا.
اداڪاره اڄڪلهه فوٽوشيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي سندس منفرد وڊيوز جي حوالي سان ڪافي مشهور آهي ۽ هاڻ اداڪاره پنهنجي نئين وڊيوز ۾ مداحن کي فلٽرز جو استعمال سيکاريو آهي.
وڊيو ۾ اداڪاره جو چوڻ آهي ته فٽ ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، بس ان جي لاءِ توهان وٽ سوشل ميڊيا تي ڪجهه فالوورز هجن ۽ توهان کي فوٽو شاپ هلائڻ اچي.
آمنه الياس موجب فٽ ڏسڻ لاءِ جم وڃڻ جي به ڪا ضرورت ناهي،بس جم وڃو ۽ فوٽو ٺاهيو.
اداڪاره سندس مداحن کي فلٽرز جو استعمال سيکاريو ته ڪيئن توهان ايڊيٽنگ ۽ فلٽرز جو استعمال ڪندي تصوير ۾ ڪاري رنگ کي ڀورو ڪيو ۽ مثالي نقش ٺاهي ڏيکاري سگهو ٿا.
اداڪاره جي وڊيو کي لک کان وڌيڪ ڏٺو ويو آهي، اهوئي نه اداڪاره ايمن خان، منال خان، صدف ڪنول، انوشي اشرف گلوڪاره آئمه بيگ پاران به آمنه الياس جي ان وڊيو تي کلندي پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔