حڪومت ويڪسين خريداري لاءِ بروقت بندوبست نه ڪري مجرماڻي غفلت ڪئي: شهباز شريف

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري هڪ بيان ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته وائرس جي نئين قسم ۽ ان جي خطرناڪ اثرن کان عوام کي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ هو ته سمورين ڌرين جي ڳالهين سان گڏيل هنگامي حڪمت عملي مرتب ڪئي وڃي، حڪومت ويڪسين جي فراهمي جو عمل تيز ڪري. شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت گهربل مقدار ۾ ويڪسين جي خريداري جي لاءِ بروقت قدم نه کڻي مجرماڻي غفلت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔