وزيراعظم جهانگير ترين گروپ سان ملاقات لاءِ تيار

اسلام آباد: جهانگير ترين گروپ جي وزيراعظم سان ملاقات جي درخواست قبول ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب جهانگير ترين گروپ سڀاڻي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ 30 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبر شامل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبر جهانگير ترين ڪيس تي وزيراعظم کي حقيقتن کان آگاهه ڪندا. واضح رهي ته وزيراعظم طرفان سياسي ڪميٽي کي جهانگير ترين سان ملڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو پر جهانگير ترين معذرت ڪري ڇڏي هئي. جهانگير ترين جو چوڻ هو ته ڪنهن ڪميٽي سان ملاقات نه ٿيندي، اسان پنهنجو موقف وزيراعظم سامهون ئي رکنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔