پاڪستان ۾ عيدالفطر چوڏنهن مئي تي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: پاڪستان ۾ 30 روزا پورا ۽ عيدالفطر 14 مئي جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

جامعه ڪراچي جي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي  جي سربراهه پروفيسر جاويد اقبال موجب جڏهن 12 مئي جي شام سج لهندو ته ان وقت چنڊ جي عمر 19 ڪلاڪ 31 منٽ هوندي. جڏهن ته سج لهڻ ۽ چنڊ چڙهڻ جي وچ وارو وقت صرف 36 منٽن جو هوندو.

هن چيو ته شوال 1442 هجري جو نئون چنڊ 11 ۽ 12 مئي جي وچولي رات جو تقريبن 12 لڳي هڪ منٽ تي پيدا ٿيندو. جامعه ڪراچي جي پروفيسر موجب ان ڳالهه جا ڊگها امڪان آهن ته روزا پورا 30 ٿيندا ۽ عيد 14 مئي تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔