وزيراعظم عمران خان اڄ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جو پٿر رکندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جو پٿر رکندو .

وزيراعظم عمران خان اڄ ملتان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو ۽ پنهنجي دوري دوران ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي پيڙهه جو پٿر رکندو.

ذريعن موجب پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به وزيراعظم عمران خان سان گڏ هوندا .

وزيراعظم ان دوري دوران ملتان جي لاءِ 30 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج جو به اعلان ڪندو.

وزيراعظم عمران خان ملتان ۾ زرعي يونيورسٽي جو افتتاح ڪندو جڏهن ته انجينئرنگ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر به رکندو. وزيراعظم ان موقعي تي اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات به ڪندو .

وزیراعظم سے ارکان اسمبلی کی ملاقاتیں بھی ہوں گی

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔