برطانوي سائنسدانن مليريا جي خلاف بهترين ويڪسين ايجاد ڪري و رتي

لنڊن: آمريڪي سائنسدانن مليريا جي علاج ۾ اهم اڳڀرائي ڪري ورتي آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته تجرباتي طور تي هي ويڪسين 27 سيڪڙو بهتر رهي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ماهرن هن نئين مليريا ويڪسين کي مغربي آفريقي ملڪ برڪينا فاسو جي 450 ٻارن تي استعمال ڪيو ويو جنهن جا حيرت ڏيندڙ نتيجا سامهون نظر آيا ۽ ان خطي ۾ ساليانو لکين ٻارن جي فوتگي جو سبب بنجندڙ مڇر جي چڪ سبب ٿيندڙ بيمارين ۾ واضح گهٽتائي نظر آئي.هن ويڪسين کي ايجاد ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ايڊريا بل جڪو ڪورونا 19 جي اسٽرازينيڪا ٺاهيندر ٽيم جو حصو هئو ان جو چوڻ آهي ته تجربي جي آخري مرحلي ۾ اسان ساڍن ٽن سالن ۾ آفريقي ملڪ جي 4 هزار 800 ٻارن تي ويڪسينيشن ڪنداسين. هن چيو ته هن ويڪسين جا تجرباتي نتيجا تمام بهترين ۽ اميد کان سٺا رهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔