عريش فاطمه دنيا جي سڀني کان ننڍي عمر واري مائيڪروسوفٽ پروفيشنل بڻجي وئي

ڪراچي: پاڪستان جي چار ساله عريش فاطمه دنيا جي سڀني کان ننڍي عمر واري مائيڪرو سوفٽ پروفيشنل بڻجي وئي.رپورٽ موجب ڪراچي سان تعلق رکندڙ عريش فاطمه مائيڪرو سافٽ جي پروفيشنل امتحان ۾ شرڪت ڪئي. مائيڪروسوفٽ جي اهتمام هيٺ امتحان کي پاس ڪرڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 700 پوائنٽن جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته معصوم عريش فاطمه 831 پوائنٽس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. ان ڪاميابي کيس ان ذهين پاڪستانين جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ننڍي عمر ۾ ايم سي پي جي سند حاصل ڪئي.رپورٽ موجب اريش جي والدين جڏهن پنهنجي ڌيءَ ۾ انٽرنيٽ جي حوالي سان نيون شيون سکڻ جي صلاحيت ۽ تجسس کي ڏٺو ته انهن ان جي دلچسپي ڪمپيوٽر سکڻ طرف ڪئي. عريش جو والد جيڪو آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن پنهنجي ڏيءَ جي ذهانت ۽ دلچسپي کي ڏسندي ان جي ڪمپيوٽر اسڪلز سکڻ ۾ ان جي رهنمائي ڪئي.ڪورونا جي دوران لاڪ ڊائون ۾ عريش جي والد کيس مائيڪرو سافٽ ورڊ ۽ مائيڪرو سافٽ آفيس تي ڪم ڪرڻ سيکاريو ۽ هو پنهنجي بهترين ياداشت سبب ان ٻنهي سوفٽ ويئرز ۾ مهارت حاصل ڪندي وئي ۽ آخرڪار امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔