رب پاڪ کان دعا آهي ته سنبل جلد صحتياب ٿي وڃي: بشريٰ انصاري ڀيڻ لاءِ پريشان

لاهور: پاڪستان جي مشهور ۽ سينئر اداڪاره بشريٰ انصاري ڪورونا ۾ مبتلا پنهنجي ڀيڻ ۽ اداڪاره سنبل شاهد جي صحتيابي لاءِ جذباتي ٿي وئي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي بشريٰ انصاري طرفان ڀيڻ سنبل شاهد سان گڏ تصوير شيئر ڪندي پيغام لکيو آهي. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ سنبل شاهد جي لاءِ جذباتي پيغام لکيو ته منهنجي پياري ڀيڻ جلد کان ٺيڪ ٿي وڃو. اسان اوهان جي لاءِ پريشان آهيون.بشريٰ انصاري وڌيڪ لکيو ته خدا جي لاءِ سنبل جلد کان جلد ٺيڪ ٿي وڃو. ان کان اڳ بشريٰ انصاري جي ڀيڻ اداڪاره اسماءَ عباسي طرفان انسٽا گرام جي مداحن کي اطلاع ڏني وئي هئي ته اداڪاره سنبل شاهد وينٽي ليٽر تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔