ڀارت ۾ ڪورونا جو زور: اڪشي ڪمار هڪ ڪروڙ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو اڪشي ڪمار ڀارت ۾ پکڙيل عالمي وبا ڪورونا جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ هڪ ڪروڙ روپين جي مالي امداد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.اڪشي ڪمار اڳوڻي رانديگر ۽ سياستدان گوتهم گهمبير جي فائونڊيشن کي ڪورونا جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ هڪ ڪروڙ ڀارتي روپيه مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. گوتهم گهمبير سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي اڪشي ڪمار جو ٿورو به ادا ڪيو. اڳوڻي رانديگر پنهنجي توئٽ ۾ اڪشي کي اميد جي روشني قرار ڏيندي لکيو ته گوتهم گهمبير فائونڊيشن کي ضرورتمندن جي غزا، دوائون، آڪسيجن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪروڙ جو اعلان ڪرڻ تي اڪشي اوهان جا ٿورائتا آهيون.اڪشي جي ان قدم کي سوشل ميڊيا صارفين طرفان ڪافي تعريف ڪئي پئي وڃي. اداڪار جي هڪ مداح ڪمنٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته اهوئي سبب آهي ته اڪشي کي انڊيا جو سپر اسٽار چيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔