ايران جي آئل ٽينڪر مٿان ڊرون حملو، ٽي ڄڻا مارجي ويا

دمشق: شام ۾ موجود ايران جي آئل ٽينڪر تي ڊرون حملي جي نتيجي ۾3 ڄڻا مارجي ويا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب شامي تيل واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن شهربانياس جي سمنڊ تي بيٺل هڪ آئل ٽينڪر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي هئي جنهن کي امدادي ڪارروائين کان پوءِ فوري طور تي وسايو ويو پر امڪاني طور تي باهه ڊرون حملي جي نتيجي ۾ لڳي. شام جون سرڪاري خبرون ڏيندڙ ايجنسي به واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته آئل ٽينڪر کي ڊيرون سان نشانو بنايو ويو آهي.شام ۾ انساني حقن جي لاءِ سرگرم برطانوي تنظيم جو چون آهي ته شام ۾ بيٺل ايراني آئل ٽينڪر کي ڊرون ذريعي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا پر حملو ڪنهن ڪيو ان حوالي سان تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف عرب دفاعي تجزيه ڪار موجب شام ۾ ايراني آئل ٽينڪر کي اسرائيل طرفان نشانو بنايو ويو. ڇو ته ڳجهي اطلاعن موجب جهاز ۾ وڏي انگ ۾ هٿيار موجود هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔