جاپان، آمريڪا ۽ فرانس گڏيل جنگي مشقن تي اتفاق ڪري ورتو

ٽوڪيو: جاپان پهريون ڀيرو ايندڙ مهيني آمريڪا ۽ فرانس سان گڏ جنگي مشقن جي ميزباني ڪندو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب جاپان جي بچاءُ واري وزير نويو ڪيشي ملڪ جي ڏاکڻي مغربي حصي ۾ وڏي پيماني تي جنگي مشقون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سبب هن خطي ۾ چين جي خدشن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.ان حوالي سان جاپاني بچاءُ واري وزير وڌيڪ چيو آهي ته هلندڙ سال 11 مئي کان 17 مئي تائين ٿيندڙ ان زميني مشقن ۾ ٽنهي ملڪن جون بحري فوجون به حصو وٺنديون.ٽوڪيو اولهين ۽ ڏاکڻي سمنڊ ۾ چين جي وڌندڙ دلچسپي جو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اهم اتحادي آمريڪا سان گڏ دفاعي تعاون وڌائي رهيو آهي جڏهن ته فرانس به آزاد ۽ قابل پهچ انڊوپيسفڪ جو تصور رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔