پاڪستان آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

هراري :پاڪستان ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي 24 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ گرين شرٽس مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شرجيل خان ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 35 جي مجموعي اسڪور تي شرجيل خان 18 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
شرجيل جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ بابر اعظم بيٽنگ لاءِ آيو ۽ محمد رضوان سان گڏجي ٽيم جي اسڪور 161 تائين پهچائي ڇڏيو، ان دوران ٻنهي بيٽسمينن پنهنجون ففٽيون به مڪمل ڪري ورتيون.
بابر اعظم 52 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، فخر زمان پهرين ئي بال تي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، جڏهن ته محمد رضوان 60 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 91 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.
ميزبان ٽيم طرفان ٽئي وڪيٽون ليوڪ جونگوي ورتيون.
جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 141 رنسون ٺاهي سگهي، ويزلي مڌويري 59 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته تاڊي وناشي ماروماني 35 ۽ برينڊن ٽيلر 20 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان حسن علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 18 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، جنهن عيوض کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
قومي ٽيم ميچ ۾ 24 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 3 ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔