ايپل تيز رفتار نئون آءِ پيڊ پرو متعارف ڪرائي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل تيز رفتار نئون آءِ پيڊ پرو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايپل جي متعارف ڪرايل آءِ پيڊ پرو ۾ ايم ون چپ به موجود آهي. آءِ پيڊ پرو 11 ۽ 12 انچ جي سائز ۾ دستياب آهي. هن نئين آءِ پيڊ ۾ ايپل پنهنجي نئين آءِ ميگ ۾ استعمال ٿيندڙ پراسيسر ايم 1 کي شامل ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان جي اسپيڊ ۾ ڊرامائي بهتري نظر ۾ ايندي.هن پراسيسر سبب يو ايس بي 4 پورٽ کان ڊيٽا جي تيز رفتاري سان ٽراسفر ڪري سگهبو. جڏهن ته ڊسپلي ڪنگٽيويٽي بهتر ٿيندي. نئين آءِ پيڊ پرو جو ڊيزائن گذريل سال جي ڊيوائس جهڙو آهي ۽ اصل تبديلي انڊر ڪئي وئي آهي.هن ڀيري آءِ پيڊ پرو ۾ 5 جي سپورٽ موجود آهي ۽ اهڙي طرح هي آءِ فون 12 جي تيز رفتار انٽرنيٽ اسپيڊ جو مقابلو ڪري سگهندي. ڪمپني موجب نئون آءِ پيڊ 30 اپريل کان پري آرڊر ۾ دستياب هوندو ۽ مئي ۾ صارفين تائين پهچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔