ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، 157 ماڻهو فوت، 5 هزار 908 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر شدت اختيار ڪري وئي آهي، جنهن ڪري گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ ڏينهن ۾ 157 ماڻهو فوت ٿي ويا، 5 هزار 908 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري انگ اکرن موجب ملڪ ۾ مجموعي ڪيسز 7 لک 90016 تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4198 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا، هن وقت تائين صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 86488 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ مريضن جو مجموعي تعداد 276670 آهي، جڏهن ته 4587 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو انگ 28552 آهي ۽ 7897 ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 21477 آهي ۽ 230 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، ڪي پي ڪورونا مريضن جو تعداد 112140 آهي ۽ هن وقت تائين 3066 ماڻهو فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي انگ 72613 آهي ۽ 657 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔