شام پاران اسرائيل جي جوهري ري ايڪٽر تي ميزائل حملو

تل ابيب:شام جي سرحد کان اسرائيلي جوهري ري ايڪٽر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب شام کان اسرائيل تي ميزائل سان حملو ڪيو ويو جيڪو اسرائيل جي اترئين علائقي النقب ۾ ڪريو، ميزائل حملي ۾ ڊيمونه جي گجهي جوهري ري ايڪٽر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي.
ان حوالي سان اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته ميزائل حملو جوهري ري ايڪٽر نه پر جهاز کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔