وزيراعظم پاران ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ فوج طلب

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ فوج کي مدد لاءِ چيو آهي، ڪورونا جي حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس بعد قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جون حالتون انتهائي خراب آهي، اتي اسپتالن ۽ آڪسيجن جي کوٽ سبب ماڻهو مري رهيا آهن، پاڪستان ۾ به عوام احتياط نه ڪيو ته اسان کي خدشو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهڙيون حالتون پئدا ٿي سگهن جيڪي هن وقت ڀارت ۾ آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان گذريل سال اسپتالن تي ڌيان نه ڏنو هجي ها ته شايد اڄ اسان پاڪستان ۾ سٺيون حالتون نه ڏسون ها، ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل جي ضرورت آهي، جيڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي ويو ته مجبورن اسان کي لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، مونکي گهڻن ماڻهن صلاح ڏني آهي ته لاڪ ڊائون ڪيو وڃي پر مون کي احساس آحي ته لاڪ ڊائون سان سڀ کان گهڻو غريب ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، عمران خان چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ گهڻو احتياط ڪيو ويو پر افسوس سان هن ڀير ڪير به شخص اين سي او سي طرفان ڏنل هدايت تي عمل نه پيو ڪري، اسان هر هر چئي رهيا آهيون، ايئن نه ٿئي جو اسان سڀ ڪجهه بند ڪري ڇڏيون، وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت هاڻي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ سختي ڪندي ۽ ان لاءِ اسان پوليس ۽ رينجرز کانسواءِ فوج کي به چيو آهي ته اها روڊن تي اچي ۽ عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔