پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ سبب آپريشن ڪيو:فواد چوڌري

اسلام آباد:سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته لاهور ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو جنهن سبب آپريشن ڪيو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته لاهور ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو جنهن تي آپريشن ٿيو، حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي پر بليڪ ميل نه ٿينداسين.

چوڌري فواد حسين چيو ته رياست پابندي پيل هٿياربند گروهه اڳيان بليڪ ميل نه ٿي آهي، عمران خان عاشق رسول صلي الله عليهه وآله وسلم آهي، هن ان حوالي سان هر فورم تي ڳالهه ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔