پاڪستان کي گردشي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ بجلي جا اگهه وڌائڻا پوندا: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پاڪستان ۾ موجود نمائندي ٽريسا دوبان سنچي جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ٽين لهر ۾ پاڪستان جا وڌيڪ قرض رد ڪرڻ تي به غور ٿي سگهي ٿو.
ويب نار (انٽرنٽ تي ڪيل سيمينار) کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۾ ٽيڪس سڌارا چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ محدود ڪرڻ ضروري آهي، توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ ڪرڻي پوندي.
ٽريسا دوبان سنچي چيو ته ڪورونا سان پهرين پاڪستان جي معيشت استحڪام ڏانهن هلي پئي هئي، ايف اي ٽي ايف جي هدفن تي به عملدرآمد ٿي رهيو هو. پر ڪورونا جي ڪري پيدا ٿيل غير يقيني عالمي حالتپون پاڪستان جي لاءِ چيلينج آهن. پر ڪورونا جي ٽين لهر ۾ پاڪستان کي وڌيڪ فنڊنگ ڪري سگهون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ قرض ۽ حڪومتي گارنٽيز معيشت جي 92.8 سيڪڙو تي پهچي ويون آهن، پاڪستان کي ٽيڪس آمدن وڌائڻ، ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ وڌيڪ قدمن کڻڻ ۽ ناڻي جي مٽا سٽا کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔