گوگل ميپ ذريعي گهوٽ ڪنهن ٻئي عورت جي شادي ۾ پهچي ويو

جڪارتا: انڊونيشيا ۾ گوگل ميپ تي ڏنل ايڊريس ڳوليندي گهوٽ غلط جڳهه تي ڪنهن ٻئي عورت جي شادي واري گهر پهچي ويو.رپورٽن موجب ان ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ جڳهه تي سادي هئي ۽ ڪنهن ٻئي جڳهه تي مڱڻي جي تياري هلي رهي هئي ان سبب گهوٽ منجهي ويو ۽ هو ان گهر ۾ پهتو جتي مڱڻي ٿيڻ واري هئي. رپورٽن موجب الفا نالي ڇوڪري جنهن جي مڱڻي جي تقريب جاري هئي ان جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان مهمانن کي گهوٽ سان گڏ ايندي ڏٺو ته حيراني ٿي ته ان مان اسان ته ڪنهن کي به نٿا سڃاڻون.الفا موجب منهنجي گهر ڀاتين گهوٽ ۽ ٻين مهمانن جو احترام سان آجيان ڪيو. جڏهن اسان کين تحفه ڏيڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين ته ان وقت گهوٽ سان گڏ ايندڙ هڪ شخص کي لڳو ته هو غلطي سان ٻئي هنڌ پهتا آهن.هن ٻڌايو ته هو گوگل ميپ جي ذريعي ڏنل ايڊريس تي هتي پهتا آهن. گهوٽ ۽ ٻين ڄاڃين الفا جي خاندان کان معافي گهري ۽ پوءِ هو انهن جي مدد سان صحيح هنڌ تائين پهتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔