نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ اينڊرائيڊ صارفين کي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ سمورن اينڊرائيڊ صارفين کي فڪس آن لائن نالي نيٽ فلڪس جي جعلي ايپ ذريعي نقصان ڏيندڙ سافٽ ويئر جي خطري کان خبردار ڪيو آهي.ٽوئٽر تي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ طرفان هڪ ٽوئٽ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو اهي ته فڪس آن لائن نالي نيٽ فلڪس جي جعلي ايپ ڊائون لوڊ نه ڪئي وڃي هي اوهان جي ڊيوائس کي هڪ نقصان ڏيندڙ فائل ۾ منتقل ڪري ڇڏيندي آهي. ٽوئٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪڏهن به ڪابه بي اعتماد ايپ يا اي پي جو استعمال نه ڪريو هوشيار رهو ۽ محفوظ رهو.نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ طرفان ٽوئٽ ۾ نيشنل بريچ ۽ سائبر اٽيڪ جو بيش ٽيگ به استعمال ڪيو ويو آهي. ٽوئٽ ۾ شيئر ڪيل تصوير ۾ نقصان ڏيندڙ ڪمپيوٽر سافٽ ويئر بابت وضاحت پيش ڪندي چيو ويو آهي ته نظر ايندڙ نقصان ڏيندڙ سافٽ ويئر گوگل پلي اسٽور ۾ موجود سافٽ ويئر آهي جيڪو خودڪار طريقيڪار جي تحت صارف جي واٽس ايپ تي ايندڙ ميسجز جو جواب ڏيندو آهي.هي نقصان ڏيندڙ فائل سينڊ ڪندو آهي جيڪو فون کي متاثر ڪندو آهي. ٽوئٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صارفين فڪس آن لائن ايپ کي ڊائون لوڊ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪري چڪا آهن ته ان کي ڊيليٽ ڪري ڇڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔